لعلورائنڪ ڀرسان چوري جي انوکي واردات، چوري ڪندي زال مڙس سوگها

0
600

لعلورائنڪ رپورٽ: روشن علي مغيري

ڳوٺ مراد علي مغيري ۾ تاج محمد مغيري جي ڪريانه جي دڪان کي مبينا طور چورن کاٽ هڻي دڪان مان چوري ڪري رهيا هئا ته دڪان مالڪ سڄاڳ ٿي پيو ۽ هن چورن سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي چورن ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا هڻي دڪان مالڪ تاج محمد مغيري کي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته دڪان مالڪ جي دانهن تي ڳوٺاڻا پهچي ويا، جن گهيرو ڪري ٻن چورن کي سوگهو ڪري ورتو، سوگهو ٿيل چورن جي منهن تان ڪپڙو هٽايو ويو ته چورن ۾ هڪ صنم نالي عورت ۽ ٻيو حبدار مغيري نڪتو. جيڪي ٻئين زال مڙس ٻڌائي پيا وڃن ، هنن جو تعلق ڳوٺ جلال مغيري سان آهي. جڏهن ته اهڙي واقعي بعد لعلورائنڪ پوليس پهچي ٻنهي زال مڙس کي کڻي اچي ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here