هڪ ئي رات چوري جون چار وارڌاتون 40 هزار روڪ رقم ۽ هزارين روپين جو سامان چوري

0
170

رپورٽ: روشن علي مغيري

لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ ۾ هڪ ئي رات چوري جون چار وارڌاتون 40 هزار روڪ رقم ۽ هزارين روپين جو سامان چوري. پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام، چوريون روز جو معمول بڻيل تفصيل موجب لعلورائنڪ جو امن بحال نه ٿي سگهيو لعلورائنڪ پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن جي ڪري هڪ ئي رات ۾ وچ شهر ۾ چوريون جون چار وارڌاتون ٿي چڪيون آهن۔

اهڙي طرح چوريون روز جو معمول بڻجي ويون سڄو شهر چورن جي رحم ڪرم تي آهي لعلورائنڪ ۾ چورن پنهنجا ديرا ڃمائي ورتا چورن گينگ لٿل۔ رات چور اسلم مغيري جي چپل اسٽور جو دروازو ڀڃي اندر ٽپي ويا چاليھ هزار روڪ ۽ ٻيو لکين روپين جو سامان آساني سان کڻي ويا، ان کان علاوه يحيا موبائل ڪميونيڪيشن، ڊاڪٽر عبدالستار جي ميڊيڪل اسٽور ۽ فاروق ٿيٻو جي جنرل اسٽور جان پڻ درواز ٽوڙيا ويا پر اتان چور چوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here