سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي جي گڏيل جاچ وفد ڏوڪري تعلقي جي مختلف اسڪولن جو دورو ڪيو

0
83

سنڌ ريفارمز سپورٽ يونٽ لاڙڪاڻو جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر حافظ ظفرالدين قاضيءَ جي سربراهيءَ ۾ سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي جي گڏيل جاچ وفد جنهن ۾ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر پرائمري (ميل) محمد عثمان کوکر، مانيٽرنگ اسسٽنٽ سيد شاهد علي شاھ شامل هئا ڏوڪري تعلقي جي مختلف اسڪولن گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس پرائمري اسڪول ڌڻي بخش جوڻيجو، گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس پرائمري اسڪول حاجي لعل بخش شيخ، گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ٻلهڙيجي جو دورو ڪيو. هن دري جو مقصد بغير سيميز ڪوڊ جي هلندڙ ڪجھ اسڪولن جي اهليت ۽ تعليمي معيار جاچڻ ھيو ته جيئن انهن اسڪولن کي سيميز ڪوڊ يا ٽريڪنگ آءِ ڊي ڏئي سنڌ جي تعليم کاتي جي ويب سائيٽ جي ڊجيٽل ڊيٽا ۾ شامل ڪري سگهجي۔

سيميز ڪوڊ ملڻ کانپوءِ انهن اسڪولن کي باقاعده ايس ايم سي فنڊز، عملو ۽ ٻيون سهولتون ملي سگهنديون. وفد بنا سيميز ڪوڊ جي هلندڙ اسڪولن سميت ڀروارن سيميز ڪوڊ مليل اسڪولن جو پڻ دورو ڪيو جتي لاڳاپيل اسڪولن جي انتظامي سربراهن کان نه صرف اسڪولن ۾ داخلا شرح ۽ ٻيا گهربل انگ اکر ورتا بلڪه ڪلاسن ۾ وڃي شاگردن کان مختلف مضمونن مان آڏي پڇا ڪري تعليمي معيار کي چڪاسيو۔

ان موقعي تي وفد جي سربراه حافظ ظفرالدين قاضي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “استادن جي کوٽ ۽ سهولتن جي کوٽ جي باوجود اسڪول بهترين نموني هلي رهيا آھن تنهنڪري بنا سيميز ڪوڊ جي هلندڙ اسڪولن جي اهليت مطابق کين سيميز ڪوڊ ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويندي“ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول حاجي لعل بخش شيخ جي ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي غير معمولي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ اسڪول جي مثالي استاد سيد گدا حسين بخاري ۽ انچارج هيڊ ماستر قاضي آفتاب احمد جوڻيجو لاءِ ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ضلعي جي تعليمي سربراھ کي تعريفي خط لکڻ جي سفارش ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here