موجودہ صورتحال دوران اعتماد ۾ نہ ورتو ويو پرامن احتجاج ڪندڙن کي نٿا روڪي سگهون: مراد علي شاهه

0
179

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت  مذهبي پارٽين سان معاهدو ڪري غلط ڪيو. اسان پرامن احتجاج ڪندڙن کي نٿا روڪي سگهون۔

رپورٽ موجب وڏي وزير مراد علي شاهه اڄ جعلي بينڪ اڪائوٽس ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت هڪ غير حاضر ملازم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته مراد علي شاهه نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پرامن طريقي سان احتجاج ڪندڙن کي نه روڪيندي. پنج ڇهه ڏينهن اڳ معاملو شروع ٿيو. اسان کي دير سان خبر پئي. صوبن کي موجوده صورتحال تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو ان ڪري صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔

اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ ئي بهتر حل طرف وڃي سگهون ٿا. وڏي وزير چيو ته ڪالهه لاهور ۾ جيڪو ٿيو ان جي رد عمل ۾ مفي منيب ملڪ ۾ ڦيٿو جام هڙتال جو اعلان ڪيو. اسان رات کان ئي سمورن ماڻهن سان رابطي ۾ آهيون. جيڪڏهن ڪو پنهنجي مرضي سان دڪان، ٽرانسپورٽ بند ڪري ته ان کي اجازت آهي. اسان پرامن طريقي سان احتجاج رڪارڊ ڪندڙن کي نه روڪينداسين. ها پر امن امان جي صورتحال پيدا ٿي ته حفاظتي قدم کڻنداسين. وڏي وزير چيو ته منهنجو مشورو آهي ته وفاقي حڪومت اهڙي شيءَ نه ڪري جيڪا ممڪن نه هجي ان لاءِ حڪومت کي مشورو آهي ته وقتي فائدي جي لاءِ وڏي تڪليف ۾ نه وجهي ڇڏيو۔

مراد علي شاهه چيو ته اسان سڀني جي دلين ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي عزت ۽ جذبات آهن. ناموس رسالت تي ڪوبه سمجهوتو نٿو ٿي سگهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حڪومت مذهبي پارٽين سان معاهدو ڪري غلط ڪيو، حڪومت اڃان به صورتحال تي وقتي قابو جي لاءِ هنن سان معاهدو ڪندي پر اهو غلط هوندو، وقتي فائدو وٺڻ جي لاءِ اهڙي ڪابه شيءَ نه ڪريو جيڪا ممڪن نه هجي ۽ ان جو بعد ۾ نقصان ٿئي ان معاملي تي به صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي۔

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪسان پيپلز پارٽي وارا ڪيسز کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊيل جون ڳالهيون صحيح نه آهن. خورشيد شاهه هڪ ڊگهي وقت کان جيل ۾ آهي هڪ ڪامياب  منصوبو جيڪو ڪراچي جي عوام کي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي ان تي ريفرنس ٺاهيو ويو، 68 واليمز تي ٻڌل رڪارڊ عدالت ۾ آندو ويو آهي. 17-17  جوابدار ٺاهيا ويا آهن. ڪورونا جي صورتحال تي مراد علي شاهه چيو ته اين سي او سي جي گذريل  اجلاس ۾ مون ڪراچي مان شرڪت ڪئي هئي۔

ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي  منهنجي تجويز نه مڃي وئي. ٽرانسپورٽ 2 ڏينهن جي لا3 بند ڪيو وڃي ها ته بيماري جي پکيڙ رڪجي وڃي ها. صوبائي صحت کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز تيزي سان پکڙجي رهيا آهن لڳي ٿو ته وفاق ايڪشن نه وٺندو اسان کي ئي هن وبا مان نڪرڻ جو رستو ڪڍڻو پوندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here