ڀرپور آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رھندو

0
165
Sheikh Rasheed & CM Sindh

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد صوبي ۾ امن ۽ امان واري صورتحال خاص طور تي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھھ، وفاقي گھرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق مھر شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو تھ شڪارپور-ڪشمور جي دياھھ ڪناري / ڪچي جي علائقن ۾ گھاٽو ٻيلو آھي جتي ڌاڙيلن جي ڪجھھ گروھن سندن ٺڪاڻا قائم ڪيا آھن. ھن چيو تھ اھي گروھھ پڪي واري علائقن ۾ ڏوھن جون وارداتون ڪندا آھن ۽ پوءِ ڪچي واري علائقي ۾ روپوش / ڀڄي ويندا آھن. وڏي وزير چيو تھ 23 مئي 2021ع تي تيغاڻي گينگ پوليس تي حملو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اھلڪار شھيد ۽ 8 زخمي ٿيا ھئا۔

ھن چيو تھ ڌاڙيلن پي آر جي 7 ۽ 12.7 اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز سان پوليس تي حملا ڪيا جنھن ڪري پوليس اي پي سي کي نقصان پھتو. ھن وڌيڪ چيو تھ پوليس ٻين ساٿين کي وقت تي بچايو جنھن سبب وڌيڪ جاني نقصان کان بچي وياسين. سيد مراد علي شاھھ ٻڌايو تھ پوليس 11 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو، ڌاڙيلن جا 6 ٺڪاڻا تباھھ ڪيا ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريش ھلندڙ آھي. ھن چيو تھ مان ذاتي طور تي زخمي پوليس اھلڪارن ۽ شھيد پوليس اھلڪارن جي خاندان سان ملڻ شڪارپور ويو ھيم۔

وڏي وزير چيو تھ پوليس ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ علائقي مان ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين اھو آپريشن جاري رھندو. وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد وڏي وزير کي ٻڌايو تھ رينجرز سندس اختيار ۾ آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ جڏھن بھ صوبائي حڪومت آپريشن ۾ رينجرز جي خدمت حاصل ڪرڻ چاھي تھ وٺي سگھي ٿي. انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق مھر ٻڌايو تھ آپريشن لاءِ ڪجھھ ساز ۽ سامان گھربل آھن. ان تي گھرو وزير آءِ جي پوليس کي چيو تھ ھُو گھر سيڪريٽري سان رابطوڪري تھ جيئن ڄاڻايل سامان جي فراھميءَ کي يقيني بڻائي سگھجي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here