زال موٽرائي ڏيو، گڊو ۾ نوجوان صدام حسين ميراڻي جي پنھنجي معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪانفرنس

0
26

ڪشمور(رپورٽ پرويز علي کوکر)

“ زال موٽرائي ڏيو ” گڊو ۾ نوجوان صدام حسين ميراڻي پنھنجي معصوم ٻارڙن 7 ورھين جي ساجد علي، 5 ورھين جي ضمير خان سندس جي سَس بشيران مائي، پنھنجي ڀاءُ سلطان خان پنھنجي چاچي صوبا خان سميت پريس ڪلب گڊو پھچي احتجاج ڪرڻ بعد صحافين آڏو دانھيندي چيو آھي ته ٻه مھينا اڳ جوابدارن ظھور مزاري، اميربخش مزاري، سخي بخش مزاري، حسين بخش مزاري، ميھر مزاري، خاوند بخش مزاري، شير محمد مزاري، منگھر، نبي بخش مزاري ۽ ٻين رات جي وقت اسان جي گھر ۾ داخل ٿي اسان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد منھنجي گھر واري صغران ۽ منھنجي ٻن معصوم ڌيئرن 9 ورھين جي صدرھ ۽ 3 ورھين جي ثمرين کي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا جنهن بعد گڊو پوليس جي مسلسل ڪن لاٽار بعد مان ڪورٽ سڳوري معرفت گڊو ٿاڻي تي گناھ نمبر 46/2021 تحت جوابدارن مٿان زال ۽ معصوم ڌيئرن کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ھو ھن وڌيڪ چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گڊو پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي جنهن بعد مجبور ٿي ايس ايس پي ڪشمور وٽ درخواست کڻي پيش ٿيس جنهن جي حڪم تي گڊو پوليس گذريل ڏينهن سڀني جوابدارن مان صرف ھڪ جوابدار قلندربخش مزاري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here