وزيراعظم عمران خان سنڌ جو دورو ڪندو ۽ مسئلن جي حل لاءِ تحرڪ وٺندو، حليم عادل شيخ

0
89

سڪرنڊ ( رپورٽ گل محمد ملاح)

سنڌ تمام گهڻن مسئلن ۾ گهيريل آهي ماڻھو محرومين جو شڪار آهن ، وزير اعظم عمران خان خود سنڌ جو دورو ڪندو ۽ مسئلن جي حل لاءِ تحرڪ وٺندو، اهڙو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ حزبِ اختلاف اڳواڻ حليم عادل شيخ سڪرنڊ ۾ پ ٽ آءِ اڳواڻن پاران استقبال ڪرڻ وقت ڪري رهيو هو، هن چيو ته موٽروي جي لاءِ سنڌ جي 5 ضلعن زمين خريد ڪري ڇڏي آهي پر ڄامشورو جيڪو وزير اعلٰى جو پنهنجو ضلعو آهي ان ۾ 14 ارب ڏيڻ باوجود زمين نه ملي سگهي آهي۔ جڏھن ته وفاق سنڌ کي سوا 200 ارب روپيا موٽر جي لاءِ ڏئي ڇڏيا آهن۔

ھن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو سک جو ساه کڻي سگهن۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ لاڪڊائون هڻي سنڌ جي معيشيت کي تباه ڪيو پيو وڃي ، گذريل سال به لاڪڊائون سبب روينيو گهٽ مليو . هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته لاڪڊائون هڻي ماڻھن جا روزگار کسڻ بجاءِ ويڪسينيشن جو عمل تيز ڪري ساڻس پي ٽي آءِ جا اڳواڻ نثار پرهياڙ ، امام الدين ڪيريو ، حاڪم جمالي ، امير گل رند ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here