لعلورائنڪ ۾ تحريڪ انصار المسلمين يونٽ لعلورائنڪ طرفان ساليانو جلسو

0
78

رپورٽ: روشن علي مغيري

لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ ۾ تحريڪ انصار المسلمين يونٽ لعلورائنڪ طرفان خليفه حافظ حفاظت ﷲ ڪرمي، فقير جاوید علي ڪرمي خاصخيلي ۽ فقير محمد علي خاصخيلي جي سربراهي ۾ ساليانو جلسو شان شهدآء کربلا منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ خصوصي خطاب حضرت علامه و مولانا صاحبزاده محمد مٺل سائين ڪرمي ماتلي شريف وارن ڪيو. جلسي ۾ شهدآء ڪربلا جو شان ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ۽ غم حسين عليه السلام ۾ ڳوڙها وهايا. جلسي جو آغاز حسب معمول قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو ۽ ان کان بعد مشهور نعت خوانن حمد و نعت ۽ شهداء ڪربلا جي شان ۾ قصيده پڙهيا. تنھن کان بعد جلسي ۾ خصوصي خطاب حضرت علامه و مولانا صاحبزاده محمد مٺل سائين ڪرمي جن ڪيو. تقرير دوران حضرت علامه و مولانا صاحبزاده محمد مٺل سائين جن فرمايو ته جنهن جو پنج تن پاڪ سان پيار ناهي ڪربلا ۾ امام حسين عالي مقام ۽ ان جي جانثارن جي شهادتن تي ڳوڙها نه ٿو ڳاڙي غم نه ٿو ڪري اهو مولا علي عليه السلام جو سچو حبدار ناهي. انهن فرمايو ته الحمد لله اسين سني عاشق رسول آهيون ۽ پنهنجي مٺڙي نبي محمد ﷺ جي آل سان محبت رکڻ وارا آهيون، جلسي جي آخر ۾ آقاء نامدار تي صلات وسلام پيش ڪيو ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here