ڪوٽڙي ۾ سڃاڳ ڌريـن سياسي سماجي تنظيمن صحافي برادري طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ افغاني ڌاري آبادڪاري خلاف مظاهرو

0
54

رپورٽ: محمد اظهر رند

ڪوٽڙي ۾ سڃاڳ ڌريـن سياسي سماجي تنظيمن صحافي برادري طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ افغاني ڌارياآبادڪار ۽ انهن جي نيڪالي لاءِ سيشين ڪورٽ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي آڳواڻي قاسم کوسو طارق سومرو امجد مستوئي علي نواز رند سميت ٻيا ڪري رھيا ھئا ان موقعي تي آڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چوڻ ھو ته سنڌ ۾ وڌندڙ افغانين جي لوڌ کي روڪڻ بدران افغاني مھاجرين کي حڪومت سھوليتون مھيا ڪري رهي آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي جنهن سان سنڌ ۾ سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي ھنن سرڪار کان پرزور مطالبو ڪيو ته ھنگامي بينادين تي افغاني پناھگيرين جا قومي شناختي ڪارڊ رد ڪري ووٽ جو حق ختم ڪري انهن کي پنهنجي ملڪ اماڻيو وڃي جنهن سان ئي ھن ملڪ جي ترقي خوشحالي ممڪن آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here