قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان بئريسٽر اختر جبار شيخ ۽ شهدادڪوٽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

0
38

قمبر:(رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان بئريسٽر اختر جبار شيخ ۽ شهدادڪوٽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو, رپورٽ مطابق – قمبر ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو طرفان پوليس وڪيل اختر جبار جي ناجائزن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ نواب الدين چانڊيو، محمد جان بروهي، شوڪت علي چانڊيو ۽ ٻين چيو تہ وڪيل سدائين مظلومن جي مدد ۽ ترجماني ڪندڙ رهيا پر افسوس جو هڪ بئريسٽر قانون جو ناجائز فائدو وٺي شهدادڪوٽ شهر ۾ مختلف بردارين ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن مٿان جڙتو ۽ ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪرائي کين حراسان ڪري پنهنجو ووٽ بينڪ ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪري ۽ سندس چرچ تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ شهدادڪوٽ جي پوليس بغير ڪنهن ثبوتن ۽ ٻين ڪنهن ايف آئي آر جي شهيد ڀٽو جي ڪارڪن کي گرفتار ڪري مٿن 13ڊي ۽ منشيات جو ايف آئي آر داخل ڪري هراسان ڪري رهيو آهي هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ، آئي جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي تہ سندن گرفتار ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here