ڪوٽڙي: ٽرڪ ڊرائيورن پاران پورهيتن مٿان حملي وارو معاملو، 17 ڄڻن تي ڪيس داخل

0
39

رپورٽ: محمد اظهر رند

ڪوٽڙي : افغاني ٽرڪ ڊرائيورن هٿان مقامي مل مزدور نوجوان تي حملي واري معاملي کان پوء ڪوٽڙي ٿاڻي تي جمن خان پٺاڻ، عبدالسليم پٺاڻ، نذير جان پٺاڻ، عبدالله پٺاڻ، محمد رحيم پٺاڻ سميت 17 ڄڻن تي مزدورن تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، مل مزدور پورهيت عبدالرحمان انڙ جي فرياد تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي اهڙو ڪيس داخل ٿيو، ڪوٽڙي پوليس موجب مزدورن تي حملو ڪندڙ عبدالسليم پٺاڻ ۽ جمن پٺاڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي جوابدارن جي ڳولها جاري آهي. ياد رهي ته جوابدارن گذريل ڏينهن فيڪٽري مان مزدوري ڪري موٽندڙ مقامي پورهيتن تي حملو ڪري ست ڄڻن کي زخمي ڪيو هيو. افغاني ٽرڪ ڊرائيورن پاران ڪيل حملي خلاف ڪوٽڙي جي سول سوسائٽي ۾ تاء پکڙيل هيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here